مواد ڏانھن هلو

گرمي پد (فزڪس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گرمي پد
Temperature

Thermal vibration of a segment of protein's alpha helix. Its amplitude increases with temperature.
عام نشانيون
T
ايس آئي يونٽ ڪيلون (K)
ٻيا يونٽ
°C, °F, °R, °Rø, °Ré, °N, °D, °L, °W
Intensive? ها
Derivations from
other quantities
, Failed to parse (syntax error): {\displaystyle \frac{dq_\text{rev<nowiki>}}</nowiki>{dS}}
Dimension

گرمي پد (Temperature) هڪ طبيعي مقدار آهي جيڪو مقدار جي لحاظ سان گرمي يا سردي جي خاصيت کي ظاهر ڪري ٿي. گرمي پد کي ٿرماميٽر سان ماپيو ويندو آهي. اهو هڪ مادي جي متحرڪ ائٽم ۽ ٽڪڙايندڙ ائٽم جي اوسط حرڪي توانائي کي ظاهر ڪري ٿو.

ٿرماميٽر مختلف گرمي پد جي ماپن ۾ ترتيب ڏنل هوندا آهن جيڪي تاريخي طور تي، تعريف لاءِ مختلف حوالن جي نقطن ۽ ٿرماميٽرڪ مادن تي ڀروسو ڪن ٿا. سڀ کان وڌيڪ عام اسڪيل آهن؛ سيلسيس اسڪيل جنهن ۾ يونٽ جي علامت °C (اڳوڻي سينٽي گريڊ)، فارنهائٽ اسڪيل (°F) ۽ ڪيلون اسڪيل (K) آهن، جنهن کي سائنسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيلون (Kelvin) اڪائين جي بين الاقوامي نظام (SI) ۾ ستن بنيادي اڪائين مان هڪ آهي.

مطلق صفر، يعني صفر ڪيلون يا منفي °273.15 سينٽي گريڊ ٿرموڊائنامڪ گرمي پد جي ماپ ۾ سڀ کان گهٽ پوائنٽ آهي. تجرباتي طور تي، ان درجي کان تمام ويجھو ٿي سگھجي ٿو پر حقيقت ۾ پھچي نه سگھيو آھي، جيئن ٿرموڊائنامڪس جي ٽئين قانون ۾ تسليم ٿيل آھي. ان گرمي پد تي جسم مان توانائي ڪڍڻ ناممڪن هوندو اهي ۽ گرمي پد مزيد گهٽ نه سگهندي آهي.

قدرتي سائنس جي سڀني شعبن ۾ گرمي پد اهم آهي، جنهن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، ڌرتي سائنس، فلڪيات، طب، حياتيات، ماحوليات، مادي سائنس، ميٽالرجي، ميڪنيڪل انجنيئرنگ ۽ جاگرافي سان گڏوگڏ روزاني زندگيءَ جا اڪثر حصا شامل آهن.

حوالا

[سنواريو]